ڀائي ڪيشورام

ڀائي ڪيشورام: ڀائي ڪيشورام پٽ ديوان هوتچند سپاهيملاڻيءَ جا وڏا حيدرآباد ۾ صوفي فقير ٿي گذريا آهن .
ڀائي ڪيشورام ، صوفي دلپت جو طالب هو . خوشيرام جي ڪتـاب ” درويشي ڪلام “ ۾ ڄاڻايل آهي ته ” ڀائي ڪيشورام جو چاچو گياني ڇٻلداس ، روحل فقير جو ٻالڪو هو . ان ڀائي ڪيشورام کي اشارو ڏنو ته تنهنجي پاڙي ۾ سائين دلپت نامور فقير آهي . ان سان وڃي صحبت ڪر . اها آگيا وٺي ڀائي ڪيشورام ، ڀائي دلپت وٽ ويو ۽ اُن جي صحبت ۾ گذارڻ لڳو . “ ڀائي ڪيشورام ، صوفي دلپت جي لاڏاڻي کان پوءِ سندس گاديءَ تي ويٺو . سدائين ويراڳ ۾ رهندو هو . فقيرن کي ڪپڙو ۽ ان ڏيندو رهندو هو . دروازي تي جيڪو ايندو هو ، ان جي خدمت ڪندو هو ۽ کيس روٽي ڀاڄي کارائي ، پاڻي پياريندو هو . کيس ٻه فرزند ڀائي هريرام ۽ آتمارام هئا .
ڀائي ڪيشورام 75 ورهين جي ڄمار ۾ 1889ع ۾ چالاڻو ڪيو . کانئس پوءِ هريرام ۽ ان بعد آتمارام ۽ ان کان پوءِ ڀائي انندرام گاديءَ تي ويٺو . سندس تمام گهڻو ڪلام چيل هو . جيڪو ورهاڱي وقت ضايع ٿي ويو .


لفظ ڀائي ڪيشورامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو